ڊرگهه ڍنڍ

ڊرگهه ڍنڍ

ڊرگهه ڍنڍ

ڊرگهه ڍنڍ: سنڌ جي قديم ڍنڍن ۾ شمار ٿيندڙ هيءَ ڍنڍ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شهر قنبر کان 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ کاهي مينهون ۽ ڊرگهه ٿاڻي جي اولهه ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ نه صرف پاڪستان، پر سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهي. هن ڍنڍ تي ملڪ جي سربراهن سميت ڪيترا پرڏيهي بادشاهه، وائسراءِ، صدر، وزيراعظم ۽ سفير شڪار ڪندا رهيا آهن. ڪنهن زماني ۾ هيءَ ڍنڍ سنڌو درياهه جي ساڄي ٻانهن ليکي ويندي هئي. ٻوڏ جي موسم ۾ درياهه جو پاڻي هن ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو آهي. درياهه هن ڍنڍ کان 50 ڪلوميٽر پري وهي ٿو. 1960ع ۾ هتي شڪارگاهه ٺهيو. 1972ع ۾ هن کي ’سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن‘ آرڊيننس جي سيڪشن 14 تحت ’وائلڊ لائيف سنيچري‘ ڪيو ويو. 23 جولاءِ 1976ع تي هن ڍنڍ کي ٻاهرين علائقن مان پکين جي آمد ڪري عالمي معاهدي ‘رامسر ڪنوينشن’ تحت ‘پکين جي محفوظ ماڳ’ جو درجو ڏنو ويو، پر پوءِ به شاهي شڪارگاهه رهيو. هتي انڊس فلاءِ وي جي رستي سان سيپٽمبر جي آخر ۾ پکين جي آمد ٿيندي آهي ۽ بهار جي موسم ۾ پکي پنهنجي وطن ورندا آهن. پرڏيهي پکين ۾ چيڪلو، نيرڳي، ڊگوش، ميري جهالائي، آڙي، ٻهاڙ، ڌونري، ڳهڻو، لنگهو، ڪَرڙو، ٿورانڌو وغيره شامل آهن. 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي هتي خوبصورت ريسٽ هائوس ٺهرايو، جنهن جي اڱڻ لاءِ پئرس مان ڇٻر گهرائي پوکي وئي، جيڪا هينئر بي ڌيانيءَ سبب ختم ٿي وئي آهي. هن ريسٽ هائوس ۾ وزيٽرن لاءِ وزيٽر بڪ رکيل هو، جنهن ۾ ناليوارا ڏيهي ۽ پرڏيهي شڪاري ۽ سياح پنهنجا تاثراتي نوٽ لکندا هئا. ويجھڙ ۾ اهو بڪ به گم ٿي ويو آهي. هن بنگلي تي سرڪار طرفان چوڪيدار ۽ ملازم به رکيل آهن.
هن ڍنڍ ۾ لَين جا وڻ پَن، ڏير ۽ ٻيو سائو گاهه به جام ملي ٿو، مڇيءَ سان گڏوگڏ لوڙهه، ڪُم، ڪوڻيون، گُرگليون، پٻڻ ۽ بهه به سٺا ٿيندا آهن. هتي رضا شاهه پهلوي، حافظ الاسد، ڪرنل قذافي، ياسر عرفات، برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ، ڊيوڪ آف ايڊنبرگ وغيره سميت ڏيهي سربراهه به شڪار ڪري ويا آهن. هن ڍنڍ کي نور واهه، ڪلر، ڪُور ۽ ڦتوهل جي شاخن مان پاڻي ملي ٿو. مقامي روايت آهي ته هيءَ ڍنڍ انگريزن کان به آڳاٽي آهي. انگريزن جي دؤر ۾ هن ڍنڍ جي رکوالي شيخ نور محمد خان کي ملي. انگريز هتي پکين جو شڪار ڪرڻ ايندا هئا، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ صدر ايوب خان به اڪثر ڪري هن ڍنڍ تي ايندو هو.
1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي هن ڍنڍ کي قومي ملڪيت ۾ ورتو. ڍنڍ جي ايراضي 164 هيڪٽر ۽ ڊيگهه 3 ڪلوميٽر، ويڪر 2 ڪلوميٽر، پاڻيءَ جي گهرائي 10 ميٽر آهي. هن وقت هيءَ ڍنڍ سرڪار جي عدم توجهه سبب ڏينهون ڏينهن پنهنجي اڳوڻي خوبصورتي وڃائيندي رهي ٿي. ڍنڍ جي وڏي حصي ۾ پاڻي گهٽجي ويو آهي. ڪافي حصو قبضو ٿي زرعي زمين ۾ اچي ويو آهي، جنهنڪري ٻاهران ايندڙ مهمان پکين جي خوراڪ ۽ قدرتي ماحول تباهه ٿي ويو آهي. هن وقت هيءَ ڍنڍ شيخ نور محمد خان جي پونئيرن جي سنڀال ۾ آهي.
هن ڍنڍ ۾ پاڻي نه هئڻ سبب آبي جيوت سميت ماحولياتي لحاظ کان علائقي تي به بُرا اثر پيا آهن. هيءَ ڍنڍ موجوده وقت ۾ سرڪاري تحويل ۾ آهي ۽ ڍنڍ کي سرڪاري شڪار گاهه جو درجو حاصل آهي.


لفظ ڊرگهه ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو